Village Noor Muhammad Haji Rajpar

Village Noor Muhammad Haji Rajpar Adv.

Masroor Ali Rajper Sahab
(General Secretary PPP District Naushero Feroze)
Raees Khan Muhammad Rajper Sahab
(Chairman Union Council Mehar Haji) Taluka Mehrabpur, District Naushehro Feroze

پيپلز پارٽي اڳواڻ چيئرمين يونين ڪائونسل ميهر حاجي رئيس خان محمد راڄپر صاحب کي پيپلز پارٽي تعلقه محرابپور جو نائب صدر منت...
14/04/2026

پيپلز پارٽي اڳواڻ چيئرمين يونين ڪائونسل ميهر حاجي رئيس خان محمد راڄپر صاحب کي پيپلز پارٽي تعلقه محرابپور جو نائب صدر منتخب ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي.
ايڊووڪيٽ مسرور علي راڄپر صاحب
جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي
ضلع نوشهروفيروز

شڪريه🙏پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري صاحب، ڪو چيئرمين صدر پاڪستان آصف علي زرداري صاحب، پيپلز پارٽي لي...
14/04/2026

شڪريه🙏
پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري صاحب، ڪو چيئرمين صدر پاڪستان آصف علي زرداري صاحب، پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ صدر محترمه ادي فريال ٽالپر صاحبه، پيپلز پارٽي سنڌ صدر نثار احمد کهڙو صاحب، پيپلز پارٽي شهيد بينظيرآباد ڊويزن صدر منسٽر هوم جناب ضياءالحسن لنجار صاحب ۽ تمام پاڪستان پيپلز پارٽي قيادت جا نهايت شڪر گزار آهيون جنهن جي حڪم تحت پيپلز پارٽي جي محنتي ڪارڪنن کي پارٽي جي عهدن تي فائز ڪيو. انشاءالله تمام منتخب ٿيل سينيئر توڙي نوان عهديدار محنت کي جاري رکندي هر فورم تي پاڪستان پيپلز پارٽي سان سچائي ۽ ايمانداري سان پنهنجا فرائز سر انجام ڏيندا. ضلع نوشھرو فيروز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳ کان مظبوط نظر ايندي. انشاءالله پوري پاڪستان جا ڪارڪن ووٽر سپورٽر پنهنجي محنت تحت پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب کي وزير اعظم بڻائيندا.
ايڊووڪيٽ مسرور علي راڄپر
پاڪستان پيپلز پارٽي
جنرل سيڪريٽري ضلع نوشهروفيروز

پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه محرابپور جي تمام نون منتخب ڪيل عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي.ايڊووڪيٽ مسرور علي راڄپرپاڪستان...
14/04/2026

پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه محرابپور جي تمام نون منتخب ڪيل عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي.
ايڊووڪيٽ مسرور علي راڄپر
پاڪستان پيپلز پارٽي
جنرل سيڪريٽري ضلع نوشهروفيروز.

اظهار تعزيت پاڪستان پيپلز پارٽي  ڊويزن لاڙڪاڻو جي صدر ايم اين اي مير اعجاز احمد خان جکراڻي جي والد صاحب اڳوڻي ايم اين اي...
07/04/2026

اظهار تعزيت
پاڪستان پيپلز پارٽي ڊويزن لاڙڪاڻو جي صدر ايم اين اي مير اعجاز احمد خان جکراڻي جي والد صاحب اڳوڻي ايم اين اي مير بابل خان جکراڻي جي وفات تي پاڪستان پيپلز پارٽي جنرل سيڪريٽري ضلع نوشهروفيروز ايڊووڪيٽ مسرور علي راڄپر صاحب ۽ چيئرمين يونين ڪائونسل ميهر حاجي رئيس خان محمد راڄپر صاحب گهري ڏک جو اظهار ڪندي ​پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته مير بابل خان جکراڻي جي وفات سان پارٽي هڪ مخلص ۽ بزرگ اڳواڻ کان محروم ٿي وئي آهي ، سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. دعا آهي ته الله پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا فرمائي ۽ مير اعجاز احمد خان جکراڻي سميت سموري سوڳوار خاندان کي هي وڏو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47هين ورسيء تي کيس سلام عقيدت پيش ڪيون ٿا.رئيس خان محمد راڄپر صاحبچيئرمين يونين ڪائونسل ميهر حا...
04/04/2026

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47هين ورسيء تي کيس سلام عقيدت پيش ڪيون ٿا.
رئيس خان محمد راڄپر صاحب
چيئرمين يونين ڪائونسل ميهر حاجي.

31-03-2026  تعلقه محرابپور جي پهرين امن ڪميٽي ميٽنگ ٿي گذري. پيپلز پارٽي رهنماء ضلع نوشهروفيروز چيئرمين يونين ڪائونسل مي...
31/03/2026

31-03-2026
تعلقه محرابپور جي پهرين امن ڪميٽي ميٽنگ ٿي گذري.
پيپلز پارٽي رهنماء ضلع نوشهروفيروز چيئرمين يونين ڪائونسل ميهر حاجي رئيس خان محمد راڄپر صاحب محرابپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آفس پهچي منعقد ٿيل امن ڪاميٽي ميٽنگ ۾ شرڪت ڪئي. ميٽنگ ۾ تعلقه محرابپور جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. درپيش آئنده ٿيندڙ معاملن کي فوري قانوني طريقي سان حل ڪرائڻ لاء هر ممڪن ڪوششون جاري رکڻ جو تاڪيد ڪيو ويو.
ميٽنگ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محرابپور رضا محمد شر، ڊي ايس پي محرابپور فطح محمد اعواڻ صاحب، ايس ايڇ او محرابپور اشفاق احمد شر صاحب، ايس ايڇ او هالاڻي غلام مرتضي گورچاڻي، اي اس آء روشن علي، لالا عامر، الهہ وڌايو سيال، ڪائونسلر ٽائون محرابپور ذوالقرنين حيدر ملاح، ضلع ڪائونسل ميمبر حسين بخش سهتو، ڪائونسلر محمد رمضان عرف مٺا خان ڪمبوه، ضلع ڪائونسل ميمر عدنان هاليپوٽو، فراز حڪيم لاکو، غلام محمد زرگر سميت تمام ميمبرن شرڪت ڪئي.

23-03-2026  پيپلز پارٽي رھنماء ضلع نوشھرو چيئرمين يونين ڪائونسل ميهر حاجي رئيس خان محمد راڄپر ۽ انجنيئر محسن علي راڄپر ص...
26/03/2026

23-03-2026
پيپلز پارٽي رھنماء ضلع نوشھرو چيئرمين يونين ڪائونسل ميهر حاجي رئيس خان محمد راڄپر ۽ انجنيئر محسن علي راڄپر صاحب ڳوٺ جعفر خان جلالاڻي پهچي رئيس ڪريمداد جلالاڻي جي دعوت ۾ شرڪت ڪئي.
دعوت ۾ ضلع ڪائونسل ميمبر وڏيرو محمد علي راڄپر، پروفيسر رحمت علي راڄپر، ايس ايڇ او ارشاد علي راڄپر، اختر علي موجائي، حزب الله راڄپر شريڪ.

23-03-2026  پيپلز پارٽي ضلع نوشهروفيروز رهنماء، چيئرمين يونين ڪائونسل ميهر حاجي رئيس خان محمد راڄپر صاحب ۽ انجنيئر محسن ...
26/03/2026

23-03-2026
پيپلز پارٽي ضلع نوشهروفيروز رهنماء، چيئرمين يونين ڪائونسل ميهر حاجي رئيس خان محمد راڄپر صاحب ۽ انجنيئر محسن علي راڄپر صاحب ڳوٺ پير وتيو پهچي لعل بخش نانگور جي ڀائٽي وزير علي نانگور جي فرزند علي حسن نانگور جي وفات تي وارثن سان تعزيت ڪري دعا گهري.
تعزيت دوران پ پ يوسي ميهر حاجي انفارميشن سيڪريٽري محمد حسن راڄپر، وڏيرو محمد موسي مڪئي، وڏيرو شمس الدين نانگور راڄپر، استاد ضمير حسين مڪئي سميت معززين موجود.

23-03-2026  پيپلز پارٽي ضلع نوشهروفيروز رهنماء، چيئرمين يونين ڪائونسل ميهر حاجي رئيس خان محمد راڄپر صاحب ۽ انجنيئر محسن ...
26/03/2026

23-03-2026
پيپلز پارٽي ضلع نوشهروفيروز رهنماء، چيئرمين يونين ڪائونسل ميهر حاجي رئيس خان محمد راڄپر صاحب ۽ انجنيئر محسن علي راڄپر صاحب ڳوٺ پير وتيو پهچي سيد غلام حسين شاه جي فرزند سيد آفاق علي شاه جي وليمه دعوت ۾ شرڪت ڪئي.
دعوت ۾ پ پ يوسي ميهر حاجي انفارميشن سيڪريٽري محمد حسن راڄپر، وڏيرو محمد موسي مڪئي، وڏيرو شمس الدين نانگور راڄپر، استاد ضمير حسين مڪئي سميت معززين شريڪ.

Address

Village Noor Muhammad Haji Rajpar
Mehrabpur

Telephone

+923008211242

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Village Noor Muhammad Haji Rajpar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share